اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پائيدار ترقياتي هدف (??يس ڊي جيز) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار آهي، اسان جي سياسي نظام ۾ بنيادي ڍانچو مقامي حڪومتن جو آهي، هڪ مضبوط بلدياتي نظام ضروري آهي ان سان نه رڳو گورننس ۾ بهتري ايندي پر هيٺئين قيادت پڻ سامهون ايندي، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪامياب بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، هاڻي پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام طرف وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يس ڊي جيز ٽاسڪ فورس جي صلاحيت کي وڌائڻ جي تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??يس ڊي جيز نيشنل ٽاسڪ فورس جو ڪنوينر رياض فتيانه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر امجد علي زيدي ۽ هيڊ آف يورپي يونين اووائڊيو ميڪ موجود هئا جڏهن ته تربيتي ورڪشاپ ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ??يمبرن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قو??ي صحت سهولت پروگرام جي ذريعي هر شخص کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، پرائيويٽ اسپتالن ۾ به نئين شعبن ۽ بيڊز جو انگ وڌايو پيو وڃي، هيستائين 20 لک ماڻهن صحت انصاف ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪيو جن جا 46 ارب رپين جا ڪليمز ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ??يس ڊي جيز تحت رڪارڊ ترقياتي پروگرام ڪرايا ويا، پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جي ??اءِ 740 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اين ايف سي سان گڏوگڏ صوبائي فنانس ڪميشن پڻ اهم آهي، پنجاب ۾ 369 ارب کان ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ پروگرام تي ڪم جاري آهي، حڪومت پائيدار ترقياتي هدف (??يس ڊي جيز) جي 17 گولز تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب ج??ان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن تحت 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، پهريون ڀيرو محروم طبقن کي ڇت جي ??راهمي جي ??اءِ مورگيج سسٽم آندو آهي، گهٽ آمدني گهرن جي ??اءِ آسان قرض ڏنا پيا وڃن، هيستائين 250 ارب رپيا قرض جون درخواستون مليون آهن جن مان 130 ارب ج?? قرض منطور ۽ 45 ارب فراهم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو اتفاق راءِ سان هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرايو ويو آهي. ان جو مقصد تعليم جي شعبي ۾ فرق کي ختم ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ اسڪولن جي اپ گريڊيشن، نئين يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ساليانو 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، 10 ارب رپين سان اسڪلز فار آل پروگرام پڻ جاري آهي.
متعلقہ مضامین
-
ہوائی کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
UG Sports App کھیل کی دنیا میں قابل اعتماد تفریح
-
Announcement on commission in 48 hours: Nisar
-
First ever Lahore Literary Festival kicks off in New York
-
Satire: On Aug 14, we must put banners of glorious Raheel Sharif!
-
Bilawals four demands must be met: Murad
-
فٹونگ الیکٹرانکس گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ گائیڈ
-
گوبلن فارچیون آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف
-
Yibang الیکٹرانکس سرکاری تفریحی داخلہ کی نئی سہولیات
-
ڈریگن ہیچھنگ انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کا تعارف
-
لکی کاؤ نامور بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات
-
خوش قسمت خرگوش اور معروف بیٹنگ لنکس کی حیرت انگیز دنیا