اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جي روڪٿام لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪري، اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي ۽ اسان لاڪ ڊائون سان ان کي تباهه نه ٿا ڪرڻ چاهيون، ڪورونا ۽ معيشت ٻئي اهم آهن ان لاءِ ان بابت سوچي سمجهي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري ماڻهو متاثر ٿيندا ۽ جيڪڏهن وسيلا دستياب نه ٿي سگهيا ته پورهيت طبقو بک جو شڪار ٿي سگهي ٿو، نور مقدم ڪيس ۾ جوابدار چاهي ڪيترو ئي طاقتور هجي، اهو سزا کان نه بچي سگهندو، حڪومت جا 5 سال پورا ٿيڻ تي ملڪ جون حالتون تبديل ٿيل هونديون، پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ وارو خوددار ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ قانون جي حڪمراني جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، بدعنوان عنصر حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جڏهن ته ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، اسان ملڪ ۾ ايندڙ 10 سالن ۾ ٻن وڏن ڊيمن سميت 10 ڊيمز ٺاهينداسين، بجلي جون ٽرانسميشن لائينون بهتر بڻائي رهيا آهيون، قيمتن ۾ اضافو روڪڻ جي لاءِ 800 نوان اسٽوريج ٺاهي رهيا آهيون.”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ ٽيليفون ڪالز ۽ سوشل ميڊيا پيغامن ذريعي عوام سان سڌوسنئون ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پروگرام جي شروع ۾ سڀ کان پهرين ڪورونا تي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو ڇو ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر آيل آهي، ڀارتي ويرينٽ ڊيلٽا سڀ کان خطرناڪ آهي ۽ تيزي سان پکڙجي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ الله اسان تي خاص ڪرم ڪيو ۽ اسان مشڪل پر وقت سر فيصلن سان پنهنجي عوام ۽ معيشت کي ڪورونا کان بچايو. هن چيو ته پاڪستان جي قدمن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي ۽ عالمي اقتصادي فورم پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪورونا جي وبا جي خلاف بهترين قدم کڻندڙ ملڪن ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي رهيو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ باقي ٻن ملڪن جي آبادي تمام گهٽ هئي پر اسان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي کي ان مشڪل صورتحال مان ڪڍيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اين سي او سي سائنسي تحقيق جي بنياد تي فيصلا ڪيا ۽ قوم به حڪومت ۽ ادارن سان ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي پوري قوم جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته گذريل رمضان ۾ پوري دنيا ۾ مسجدون بند هيون پر پاڪستان ۾ عالم سڳورن ايس او پيز تي عمل ڪرائي مسجدن ۾ عبادت جي تسلسل کي جاري رکيو. هن چيو ته ڪورونا جي چوٿين لهر جي حوالي سان قوم کي اپيل آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري، ماسڪ جو استعمال لازمي ڪريو ڇو ته کليل جاين تي ته گذارو ٿي سگهي ٿو پر بند ڪمرن ۾ جتي ماڻهو وڌيڪ هجن اتي سدائين ماسڪ پائڻ گهرجي ته جيئن ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون جي فيصلي جي خلاف هن چيو ته ان سان وائرس جو ڦهلاءُ ته گهٽ ٿيندو پر ٻئي طرف اسان کي پنهنجي عوام ۽ معيشت کي ڪهڙي طرح بچائڻو آهي، ان کي ڏسڻ ضروري آهي ڇو ته لاڪ ڊائون جي ڪري ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو ڪيئن گذارو ڪندو ۽ جيستائين انهن جي خواڪ ۽ ٻين ضرورتن جو مڪمل بندوبست نه ٿئي لاڪ ڊائون نه لڳڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت لاڪ ڊائون جي فيصلي سان پنهنجي تباهي ڪئي ڇو ته ان جي فيصلي سان عام ماڻهو جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿيون، ڀارتي حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي رڳو اشرافيه بابت سوچيو ۽ عام ماڻهو جو نه سوچيو هو. هن چيو ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري ماڻهو متاثر ٿيندا ۽ جيڪڏهن وسيلا دستياب نه ٿي سگهيا ته پورهيت طبقو بک جو شڪار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪورونا ۽ معيشت ٻئي اهم آهن ان لاءِ ان حوالي سان سوچي سمجهي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جو علاج ويڪسين آهي ۽ حڪومت 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي چڪي آهي ۽ ويڪسينيشن جي وقت سر فراهمي جي لاءِ حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي ٺوس حڪمت عملي سان ان وبا تي ضابطو آڻڻو پوندو ڇو ته اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي ۽ اسان لاڪ ڊائون سان ان کي تباهه نه ٿا ڪرڻ چاهيون. عوام پاران ڪيل سوالن جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته انهن جي مسئلن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ ايندڙ پروگرام ۾ حل ٿيندڙ مسئلن بابت تفصيل سان پڻ آگاهه ڪيو ويندو. نجي ٽي وي چينل جي صحافي حبيب اڪرم سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ميڊيا کان ڊڄندڙ حڪمرانن کي قانون ٽوڙڻو هوندو آهي، ان لاءِ اهي گهٻرائين ٿا ۽ يا پوءِ ڪرپٽ عملدار آزاد ميڊيا کان ڊڄندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مون چوري ڪئي هوندي ته پوءِ آزاد ميڊيا کان ڊڄندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته ميڊيا جو ڪم مثبت هجڻ گهرجي غلط اطلاعن کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مثبت تنقيد ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي تمام وڏي نعمت آهي. سوشل ميڊيا تي طلحيٰ طالب جي سرڪاري سرپرستي کانسواءِ اولمپڪس ۾ نمايان ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته راندين کي جيڪو وقت ڏيڻ گهرجي ها نه ڏئي سگهيس، معيشت ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري اهو وقت نه ڏئي سگهيس، آئون راندين بابت بهتر ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ، هاڪي، اسڪوائش جو عروج ڏٺو، راندين ۾ پستي جو بنيادي سبب ٻن خاندان جي حڪومت آهي جن ادارا تباهه ڪيا، انهن نيب ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو ويهاري انهن کي تباهه ڪيو پر اسان جي دور ۾ نيب پهريون ڀيرو وڏن ماڻهن تي هٿ وڌو جڏهن ته اهو ئي قانون آهي، بي شرمي ۽ بيدردي سان ملڪ ڦريو، هاڻي ان اداري انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. وزيراعظم چيو ته راندين ۾ اسان دنيا سان مقابلو ڪري رهيا هئاسين، دنيا پنهنجي جديد ذريعن سان اڳتي وڌي رهي آهي، اسان جو مسئلو راندين جا ادارا نه ٺاهڻ آهي، اسڪوائش ۾ جان شير ۽ جهانگير خان جي وڃڻ کانپوءِ اها راند اسان جي هٿن مان نڪري وئي ڇو ته اسان اسڪوائش جو ادارو نه ٺاهيو، اسان کي راندين جا ادارا ٺاهڻا آهن، پروفيشنلز کڻي اچڻا آهن، آخري ٻن سالن ۾ ان تي ڀرپور ڌيان ڏينداسين. هن چيو ته سسٽم بهتر ٿيڻ جي ڪري نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي ڇڏيو، اسان يونين ڪائونسل جي سطح تائين ميدان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان آهستي آهستي سسٽم ٺيڪ ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نور مقدم جو ڪيس پاڻ پهرين ڏينهن کان ڏسي رهيو آهيان، ان جا سمورا تفصيل ورتا آهن، اهو خوفناڪ ڪيس آهي، اهو سانحو گهر جي سمورن ڪم ڪندڙن جي سامهون ٿيو آهي، ماڻهو قاتل جي مضبوط خاندان هجڻ جي ڪري ان جي بچي وڃڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪو صحيح نه آهي، هو بنا شڪ ٻٽي شهريت رکندڙ هجي اهو بچي نه سگهندو، ان سانحي جو صدمو سڀني کي آهي. هن چيو ته افغان سفارتڪار جي ڌيءَ جو ڪيس به پنهنجي ڌيءَ وانگر ڏٺو آهي، پوليس هڪ هڪ رخ جي جاچ ڪئي، ان تي پوليس کي مبارڪباد ڏيان ٿو، نور مقدم ڪيس ۾ به هڪ هڪ شيءَ کي ڏسي رهيو آهيان، ڪيترو به طاقتور هجي ان کي سزا پوري ملندي. هڪ سوال جي جواب م عمران خان ٻڌايو ته پاڪستان جي عوام کي تاڪيد ڪئي آهي ته برسات ۾ هڪ وڻ ضرور لڳائين ۽ ان جي پرورش به ڪن، ملڪ ۾ بيدردي سان وڻ وڍيا ويا آهن، اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو نه سوچيو، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترين ئي موسمن سميت الله جون بي شمار نعمتون آهن، هتي اليڪشن ۾ ميٽرو جهڙا منصوبا ٺاهي 5 سال پورا ڪيا وڃن ٿا، اڳتي جي سوچ رکندڙ پنهنجي ٻارن جو سوچيندا آهن، 10 ارب وڻ اسان پنهنجي نسلن جي لاءِ لڳائي رهيا آهيون، ان ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪري. وزيراعظم چيو ته ٽي چار جاين تي وڻڪاري جي اها مهم هلائينداسين. وزيراعظم چيو ته اسان شهرن جا ماسٽر پلان نه ٺاهيا، جيڪي ٺهيا هئا اهي تباهه ٿي ويا، اسلام آباد منصوبابندي سان ٺاهيو ويو پر ان جون ڌڄيون اڏايون ويون، هاڻي هر جڳهه تي ماسٽر پلان هوندو، دبئي وانگر گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهينداسين، شهرن جو ڦهلاءُ روڪينداسين، لاهور ۾ راوي سٽي ٺاهي رهيا آهيون، ڪراچي وانگر زمين هيٺ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ جي ڪري لاهور ۾ به ٽينڪ مافيا جي اچڻ جو خدشو آهي، بنڊل آئي لينڊ جو منصوبو هو، اهو سنڌ جي مفاد ۾ آهي پر سنڌ حڪومت ٺاهڻ نه ڏئي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته لاهور ۾ 3 ويسٽ ٽريٽمينٽ يونٽ لڳائينداسين. آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر نه هجڻ جي ڪري شڪست تسليم نه ڪئي ويندي هئي، اسان غيرجانبدار امپائر جي لاءِ مهم هلائي، 1986ع ۾ پهريون ڀيرو اسان غيرجانبدار امپائر آندا، هاڻي ڪير به هارائڻ تي الزام نه ٿو هڻي، اسان جي پهرين حڪومت آهي جيڪا چونڊ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن چونڊ عمل ٺيڪ ٿئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو نظام آڻيون، اهو سمورن مسئلن جو حل آهي، ان تي اسان وڏي محنت ڪئي آهي، مخالف ڌر کان ان تي تجويزون گهريون آهن جيڪي انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪرايون، پوليس انهن جي هئي، اليڪشن ڪميشن جو ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا الزام وزيراعظم هائوس ۾ ويهي وزيراعظم پاران هنيا ويا، انهن سڀني جو حل اي وي ايم آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اهي مشينون تيار به ڪيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ۽ بار ڪائونسلز جون سموريون چونڊون ان تحت ٿين. وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ سسٽم جي ڪري ٽرمپ جا ڌانڌلي جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا. وزيراعظم چيو ته لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جو مسئلو درپيش رهيو، گوادر ۾ ايران کان بجلي اچي رهي آهي، هتي ٿيندڙ گرميءَ جي ڪري گوادر ۾ بجلي جي فراهمي ۾ تعطل آيو. هن چيو ته اسان بجلي ٺاهي ورتي پر ٽرانسميشن لائينون پراڻيون آهن، ان کي بهتر بڻائي رهيا آهيون، عالمي حدت سان موسم ۾ تبديليون اچن ٿيون، برف جي وقت سر نه پگهڙڻ سان 35 سيڪڙو پاڻي آبي ذخيرن ۾ گهٽ ٿي رهيو آهي، هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ ڊيمانڊ 25 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي. وزيراعظم چيو ته هڪ ڪرپٽ معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، دنيا ۾ جيڪو ملڪ خوشحال آهي اتي ڪرپشن تي ضابطو ۽ قانون جي حڪمراني آهي، هيـٺئين سطح تي ڪرپشن وڌيڪ خطرناڪ نه آهي، وزيراعظم جي سطح تي ڪرپشن سان ادارا ۽ ملڪ تباهه ٿي وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن هڪ پينل ٺاهيو جنهن ٻڌايو ته غريب ملڪن مان هر سال هڪ هزار ارب ڊالر چوري ٿي مني لانڊرنگ ذريعي امير ملڪن ۾ وڃن ٿا، ان جي ڪري غريب ملڪ وڌيڪ غريب ٿيندا پيا وڃن، مغلن جي دور ۾ ڀارت دنيا جو سپر پاور هو، انگريز جي وڃڻ کانپوءِ هتان جي دولت انگلينڊ منتقل ٿي. هن چيو ته ڪرپشن جي خلاف جنگ پاڪستان جي جنگ آهي، قانون جي حڪمراني جي جنگ آهي، طاقتور ڪرپٽ طبقو مشرف دور وانگر اين آر او گهري رهيو آهي، اولهه جمهوريت ۾ ڪنهن جي جرئت نه آهي ته ڪنهن اهم شخصيت تي ڪرپشن جو الزام هجي ۽ هو جواب نه ڏي، اها اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهيون، اها قانون جي حڪمراني جي جنگ آهي. آزاد ڪشمير ۾ ايڊهاڪ ملازمن جي مستقلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادارا انهي لاءِ تباهه ٿين ٿا، پي ٽي وي سميت وڏا ادارا سياسي ۽ سفارشي ڀرتي ٿيڻ تي تباهه ٿيا، گهڻي بجيٽ ادارن جي ملازمن جي پينشن تي وڃي ٿي، آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو اهو قدم کنيو ويو هوندو، 2008ع ۾ اسٽيل ملز منافعي ۾ هئي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ سياسي ڀرتين سان اهو ادارو اڄ بند ٿي چڪو آهي، پي آءِ اي اهڙي طرح خساري ۾ آهي، اسان کي ملڪ کي امانت سمجهي هلائڻو آهي، آزاد ڪشمير ۾ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ تي نظرثاني ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وڏا آبي ذخيرا نه ٺاهيا ويا، اسان وٽ ٽي مهينا دريائن ۾ پاڻي وڌيڪ هوندو آهي، ان کي ذخيرو ڪري استعمال ڪرڻ جي لاءِ آبي ذخيرن جي ضرورت آهي، اسان 50 سال اڳ ٻه وڏا ڊيم ٺاهيا هئا. چين 5 هزار وڏن ڊيمن سميت 80 هزار ڊيم ٺاهيا آهن. هن چيو ته اسان 10 سالن ۾ ٻن وڏن ڊيمن سميت 10 نوان ڊيم ٺاهينداسين، ان سان اسان جا پاڻي جا ذخيرا ٻيڻا ٿيندا. ملڪ ۾ فصلن جي بمپر پيداوار ٿيڻ جي باوجود 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، وڌندڙ آبادي جي لاءِ اناج جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڊيمز ٺاهڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي سعودي عرب واپسي جي لاءِ درپيش مشڪلاتن جي حوالي سان سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن تي هن اهو مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته 1000 سي سي تائين گاڏين تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ان جي باوجود گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ جو جائزو وٺنداسين. هن چيو ته اسان اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، اهي اسان جو اثاثو آهن، اسان جي حڪومت کي ورثي ۾ ملندڙ خسارو ٻاهرئين ملڪ رهندڙن پاران موڪليل پرڏيهي ناڻي جي ڪري گهٽ ٿيو ان تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون، انهن جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو اسان جي مفاد ۾ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي اي ووٽنگ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پوسٽل بيلٽ ذريعي انهن کي اهو حق ضرور ڏينداسين، 90 لک پاڪستاني سڄي دنيا ۾ موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ اسان جو ويزن آهي، اهو ئي پاڪستان کي ٺاهڻ جو مقصد هو، مديني جي رياست جا بنيادي اصول غربت جو خاتمو ۽ هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ هو، قانون جي بالادستي اسلامي فلاحي رياست جو ٻيو بنيادي نقطو آهي، انهن ئي اصولن تي هلي عرب دنيا جا حڪمران بڻيا، اسان پنهنجي سمورن شهرين جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو آهي، دنيا جا امير ترين ملڪ به اها سهولت فراهم ڪرڻ کان لاچار آهن، اهو هڪ انقلاب ۽ فلاحي رياست طرف اهم قدم آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ غريب مزدورن جي لاءِ هيستائين 22 پناهگاهون ٺاهيون ويون آهن جڏهن ته 11 وڌيڪ ٺاهيون پيون وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته جن شهرن ۾ مزدور طبقو وڌيڪ آهي اتي اهي پناهگاهون تعمير ڪريون، اها اسان جي پنج سالا حڪومتي ڪاميابي هوندي. هن چيو ته ان سان گڏوگڏ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام جي شروعات چئن شهرن ۾ ڪئي وئي آهي، ڪوشش آهي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ 50 ٽرڪن تائين ان پروگرام کي سگهه ڏيون، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 40 سيڪڙو خاندانن مان هڪ ماڻهو کي ٽيڪنيڪل تعليم، مائيڪرو فنانس بئنڪ ذريعي گهرن جي تعمير لاءِ قرض جي فراهمي، صحت ڪارڊ ۽ وياج کانسواءِ ڪاروبار جي لاءِ قرض ان پروگرام ۾ شامل آهي، ان پروگرام جي شروعات هلندڙ مهيني ڪئي ويندي. هن چيو ته قانون جي بالادستي جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، اهو مشڪل ڪم آهي ان لاءِ پوري قوم جي تعاون جي ضرورت آهي، پريشر گروپ، قبضا گروپن کان ماڻهن کي قانون ۽ انصاف ذريعي آزاد ڪرائڻو آهي، اسان هڪ اهڙو ملڪ ڏئي وڃڻ چاهيون ٿا جيڪو پنهنجي پيرن تي بيٺل هجي، ڪنهن جي آڏو قرض جي لاءِ هٿ نه ڦهلائي، هڪ آزاد ۽ خوددار ملڪ هجي جتي گرين پاسپورٽ جي عزت هجي، 5 سالن کانپوءِ قوم اهو فرق ڏسندي. وزيراعظم چيو ته مهانگائي اسان جي حڪومت جي لاءِ به تڪليف آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي به ان جو هڪ سبب آهي جنهن کي مصنوعي طور تي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو. هن چيو ته آبادگار جي پيداوار ۽ شهر ۾ ريٽيل وڪري ۾ قيمتن ۾ وڏو فرق آهي ان لاءِ 800 نوان اسٽوريج ٺاهي رهيا آهيون، ان لاءِ آبادگار ڪارڊ به متعارف ڪرايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته انهن سمورين مشڪلاتن جي باوجود پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان سستو ملڪ آهي، پيٽرول جون قيمتون درآمد ڪندڙ ملڪن ۾ سڀ کان گهٽ آهن، اسان کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان حوالي سان هر هفتي اجلاس ڪندا آهيون. وزيراعظم اعتراف ڪيو ته پگهاردار طبقي جي لاءِ قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مشلاتون آهن تنهن ڪري انهن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو آهي، صنعتي ادارن کي به چئون ٿا ته اهي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ بهتري آئي آهي، ٽيڪس جي ذريعي آمدني ۾ اضافو ٿيندو ته پگهاردار طبقي جي لاءِ وڌيڪ مراعتون ڏينداسين.
متعلقہ مضامین
-
سلاٹ مشین کے ماحولتی اثرات اور اس کی ترویج
-
ਸਲੈਟ ਮੈਚਨ - ਇੱਕ ਵਿਸ਼ਾਲ-ਪ੍ਰਚਾਲਨ ਯਤਾ
-
Slotting Machines: The Key to Modern Manufacturing
-
ਰਙ ਪੇਸ਼ن, ਅਤੇ ਆਧੁਨਿਕ ਸਮੇਂ میں ਜگہزات
-
রਾਚੇ ਸਲਟ-ਮੈਸ਼ਨ: ਅਤੇ ਪਬਿਲ ਉਡਾਵਾਂ
-
ಸਲੈਡਜ ਮੇین - ಬਾਕਿਸਤਾਨ میں نئی ٹکنیک لے کر ہارم کے ساتھ جگہ لے رہا ہے
-
سلاٹ مشین کے فوائد اور تطبيقات
-
سلاٹ مشین اور اس کے فوائد
-
Slot Machines: ہمpty Fortunes اور Fun
-
سلاٹ مشین: ذیل وہرام کے لیے ایک جدیدی نہار
-
Slotting Machines: The Key to Modern Manufacturing
-
Governors of KP, Sindh step down