اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي ط??ر تي ڪمزور طبقي کي تحفظ ۽ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي، ڪامياب پاڪستان منصوبي جي ذريعي آبادگارن جي مدد، سستي رهائش جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا ويندا، پوري دنيا ۾ شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، ح??وم?? ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي بار گهٽ ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا لاءِ نائب صدر هارٽ وگ شڪافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير عمر ايوب، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال خاص طور تي ڪورونا جي باوجود مثبت معاشي انگ اکرن، گردشي قرضن ۾ چڱي خاصي گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو، ح??وم?? جي قدمن جنهن ۾ SDGs تي خصوصي ڌيان ڏيندي آبادگارن کي آسان قرض سان مدد ۽ منڊين تائين بنيادي ڍانچي جي بهتري جي ذريعي پهچ، آپٽيڪل فائبر سان مواصلات جي نظام ۾ بهتري جنهن جي ڪري لاڪ ڊائون ۾ تعليمي سرگرمين کي فعال رکڻ ۾ مدد، ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن کي ترقي لاءِ کنيل قدم، ماحولياتي آلودگي جي روڪٿام جنهن ۾ ٻيلن جي بحالي، بلين ٽري سونامي ۽ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن تي پابندي تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گذريل سال پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جي شرح، معاشي شعبي ۾ سڌارا ۽ معاشي ترقي ۾ سمورن طبقن کي گڏ کڻي هلڻ جي پالسي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران معاشي ترقي جي پاليس?? اختيار ڪري رهيو آهي جنهن سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر ملڪي روينيو به وڌندو ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. هارٽ وگ شڪافر ان موقعي تي چيو ته نه رڳو عالمي بئنڪ پر پوري دنيا پاڪستان جي احساس پروگرام جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ جي حوالي سان معترف آهي ۽ مثال ڏي ٿي. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ پوري مدد ۾ دلچسپي رکي ٿو، ان کانسواءِ ح??وم?? جي معاشي سڌارن ۽ ڪورونا وائرس دوران سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي به قابل تحسين آهي، عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان جو ملڪ جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ تعاون جاري رهندو، هن چيو ته احساس پروگرام غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ جو سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ وڏو پروگرام آهي جنهن جي عالمي سطح تي مثال ڏنا ويندا آهن، اميد آهي ته ڪامياب پاڪستان پروگرام به ان طرز جو هڪ مثالي پروگرام هوندو. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي پاڪستان مشڪل وقت ۾ تعاون تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته ح??وم?? جي اولين ترجيحن مان هڪ معاشي ط??ر تي ڪمزور طبقي کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، ڪامياب پاڪستان منصوبي جو جلد افتتاح ڪيو ويندو جيڪو آبادگارن کي مدد، سستي رهائش جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان هن وقت پوري دنيا ۾ شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، ح??وم?? ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي بار گهٽ ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي، ح??وم?? معاشي ترقي سان هن ملڪ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ کي به پنهنجي اولين ترجيح سمجهي ٿي.
متعلقہ مضامین
-
PM Shehbaz testifies via video in Rs10 billion defamation case against Imran Khan
-
PG سافٹ ویئر آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Aztec Treasures Rasmi Tafreehi Link - Dilchasp Offers aur Khail
-
34 mutilated bodies within 40 days found from Chashma Barrage
-
PAT chief due in Lahore on July 27
-
IS claims killing police official in Peshawar
-
German retailer ups payout for Baldia factory fire victims
-
Reply sought from ECP as Nawaz submits reply
-
Rescue teams recover 3 from blazed flour mill
-
PBC launches Islamic radio in Dera Ismail Khan
-
ٹکگوٹی انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ: تفریح کی نئی دنیا میں خوش آمدید
-
جنوب مشرقی آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات